تاريخ جي ڪٽهڙي ۾

تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ (ڪتاب ):ليکڪ اڪرام ساگر عباسيءَ جو هيءُ ڪتاب، سنڌ پبلشنگ هائوس ڪراچيءَ پاران ڊسمبر 1996ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ڊيمي سائيز 104 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 40 رپيا آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ سنڌ جي تاريخ جي انهن ڪردارن تي روشني وڌي آهي، جن جي غلط ڪمن سبب سنڌ ۽ سنڌين ڏکيا ڏينهن ڏٺا. اهڙن ڪردارن ۾ ڪاڪو چنو (عرب دور)، چنيسر سومرو (سومرا دور)، ميان نور محمد ڪلهوڙو، راڄو ليکي، تاجو ليکي، ميان عبدالنبي ڪلهوڙو (ڪلهوڙا دور)، نائون مل، خان ٽالپر '>مير علي مراد خان ٽالپر (انگريز دور)، خانبهادر محمد ايوب کهڙو، پير علي محمد شاهه راشدي ۽ ٻيا شامل آهن.ليکڪ انهن مڙني شخصن جون حقيقت تي ٻڌل ۽ ثبوتن جي آڌار تي ڳالهيون آنديون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو